آمنا الياس نوجوان کي لَت وهائي ڪڍي

من موهڻي ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن لاءِ دلچسپ ويڊيوز شيئر ڪندي رهندي آهي، جن ۾ تفريح سان گڏوگڏ سمجهاڻي به هوندي آهي.
هوءَ عورتن سان پيش ايندڙ واقعن تي کليل نموني ڳالهائڻ سان گڏوگڏ چهري جو رنگ ڀورو ڪرڻ لاءِ مختلف پراڊڪٽس جي مشهوري ڪندڙ اداڪارائن کي به تنقيد جو نشانو بڻائيند رهندي آهي، ڇو ته آمنا الياس جو پنهنجو رنگ سانورو آهي ۽ سندس موجب عوامي شخصيت هجڻ جي حيثيت سان اسان جو ڪم ٻئي کي خوبصورتيءَ جو احساس ڏيارڻ آهي، اسان ٻين کي شرمندگي ۽ احساس محرومي ۾ مبتلا ڪرڻ جو ڪو حق نٿا رکون.
آمنا الياس ڪجهه ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ڀَر ۾ ويٺل دوست مشهور ميڪ اپ آرٽسٽ ارشد خان کي غلطيءَ سان باهه ڏئي ڇڏي ٿي، جڏهن ته هاڻ اداڪارا هڪ نوجوان کي غطليءَ سان لَت وهائي ڪڍي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔