ريلوي جو خسارو ٽن سالن دوران وڌي چاليهه ارب روپين تائين پهچي ويو

اسلام آباد: سي پيڪ جي انتظار ۾ ريلوي اثاثن جي مرمت ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري حادثن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ريلوي کاتي جو 3 سالن دوران ساليانو خسارو وڌي 40 ارب روپين تائين پهچي ويو آهي.موجوده حڪومت جي 3 سالا دور ۾ مسافر ٽرينن جو انگ وڌڻ بجاءِ گهٽ ٿي ويو آهي. 57 مسافر ٽرينون بند، صرف 85 هلي رهيون آهن. انهن مان به 70 نجي شعبي جي تعاون سان هلائڻ جي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن پر اهو عمل به سست رفتاري جو شڪار آهي. پاڪستان ريلوي وٽ انجڻن جو انگ 480 مان گهٽ ٿي 472 ۽ مسافر ڪوچز 460 مان گهٽ ٿي 380 رهجي ويون آهن. جڏهن ته مال گاڏين جا 2000 ڊبا به گهٽ ٿي ويا آهن. ريلوي ملازمن جو انگ هڪ لک 20 هزار مان گهٽ ٿي 72 هزار رهجي ويو آهي. جڏهن ته پينشنرز هڪ لک 15 هزار کان به مٿي ٿي ويا آهن.ريلوي ٽريڪ پل ۽ سگنل سسٽم سميت ٻين اثاثن جو 60 سيڪڙو حصو انتهائي ڪمزور ٿي چڪو آهي. ميرج ٽرين، لاهور واهگا ۽ لاهور گوجرانوالا وچ ۾ هلندڙ ٽرينون به بند ڪيون ويون آهن. انٽرنيشنل مال گاڏي به بحال نه ٿي سگهي. ريلوي آفيسرن جا شاهاڻا سيلونز ڪرائي تي ڏيڻ جو تجربو به ڪامياب نه ٿيو. ڪراچي سرڪلر ريلوي بحال ضرور ٿي پر اها به اڌوري، ريلوي ٽريڪ تي 2 هزار 382 هنڌن تي ڦاٽڪ نه آهي. 3 سالن دوران ڪيترائي حادثا ٿيا، 2019 ۾ تيز گام ۾ لڳندڙ باهه ۽ جون 2021 ۾ سکر ڊويزن ۾ مسافر ٽرينن جي حادثي ۾ 150 کان وڌيڪ مسافر فوت ٿي ويا. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ريلوي عوامي مفاد جو قومي ادارو آهي جنهن کي ڪمرشل بنياد تي هلائڻ مشڪل آهي. ڪورونا سبب ٽرينن جي بندش ۽ گهٽ مسافرن سان هلائڻ سبب به خساري ۾ اضافو ٿيو آهي. ان حوالي سان ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ريلوي جو 64 سيڪڙو بجيٽ پگهارن، پينشن ۽ 18 سيڪڙو ڊيزل جي خريداري تي خرچ ٿيندو آهي. ريلوي اختيارين موجب سي پيڪ تي عمل ڪرڻ سان ريلوي جي قسمت جاڳي ويندي. ڪراچي کان پشاور ۽ ٽيڪسلا کان حويليان تائين بنا ڦاٽڪ ريلوي ٽريڪ وڇائڻ سان ٽرينون 90 جي بجاءِ 160 ڪلو ميٽر جي رفتار سان هلڻ شروع ٿي وينديون. ان کان پوءِ ٽرين جو سفر محفوظ ۽ تيز ٿي ويندو جڏهن ته ريلوي منافعو ڏيندڙ ادارو به بڻجي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔