اسلام آباد: :ملڪ ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي، ذريعن موجب 16 آڪٽوبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ 6 روپيه 10 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 97 پئسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.
گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 روپيه 75 پئسا في ليٽر ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 1 روپيه 64 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. پيٽروليم انڊسٽري پنهنجي ورڪنگ مڪمل ڪري اوگرا ڏانهن اماڻي ڇڏي.