لاهور: پاڪستاني اداڪاره سعيده امتياز جي خيال ۾ گهڻا پاڪستاني مرد بيوفا هوندا آهن، انهي لاءِ مان سمجهان ٿي ته منهنجو شريڪ حيات پاڪستاني نه پر پرڏيهي هوندو.
سعيده امتياز تازو ئي هڪ نجي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن محبت، شادي ۽ لاڳاپن جي باري ۾ کلي ڳالهيون ڪيون. ڳالهين جي دوران سعيده امتياز چيو ته منهنجي ويجهو محبت هڪ احساس جو نالو آهي، چاهي اهو ڪنهن به رشتي ۾ هجي.
سعيده امتياز وڌيڪ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته منهنجو شريڪ حيات پاڪستاني نه هوندو ڇو ته منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سال پهريان ئي اهو خيال اچي چڪو آهي ته مان پاڪستاني مرد سان شادي نه ڪندس. پاڪستان جا گهڻا مرد بيوفا هوندا آهن. جڏهن ته پرڏيهه ۾ اهڙا معاملا تمام گهٽ ڏسڻ لاءِ ملندا آهن اتي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي به اجازت نه هوندي. هن اهو به اعتراف ڪيو ته ڪجهه معاملن ۾ عورتون به قصوروار هونديون آهن.
سعيده امتياز چيو ته مون گهڻيون اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌيون آهن جن ۾ هڪ ڀيڻ ٻئي ڀيڻ جو گهر برباد ڪيو انهي لاءِ ڇوڪرين کي شادي شده مرده جي بجاءِ ڪنوارن ڇوڪرن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن جو گهر خراب نه ٿئي.
اداڪاره اهو به ٻڌايو ته جڏهن مون کي شادي شده مرد شادي جو پيغام اماڻيندا آهن ته مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي. مان اهڙن مردن کي فورن جواب ڏيندي آهيان ته اوهان جي گهر وارين کي اسڪرين شاٽ اماڻيندس جنهن کان پوءِ اهي مرد ٻيهر رابطو نه ڪندا آهن.