ناڻي واري وزير جي آمريڪي ڪمپنين کي تيل، گيس، معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي ۾ سرمائيڪاري جي دعوت

واشنگٽن: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪا سان ڪامياب ٽيرف ڳالهين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي پڌرائي موجب آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ ناڻي وارو وزير واشنگٽن ۾ موجود آهي جتي انهي جي آمريڪي ناڻي واري وزارت جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ٿي.

ناڻي واري وزير پاڪستان جي مضبوط معاشي اشارن تي آمريڪي اختيارين سان ڳالهيون ڪيون، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽيرف معاهدي تي ڪامياب ڳالهيون ٿيون جنهن تي ناڻي واري وزير اطمينان جو اظهار ڪيو.

پڌرائي موجب محمد اورنگزيب آمريڪي ڪمپنين کي تيل، گيس، معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏني. پڌرائي موجب آمريڪي اختيارين سان واپاري معاهدو پاڪستان جي لاءِ اهم حيثيت قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته آمريڪي ڪمپنين سان سرڪاري، نجي سطح تي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو ويو.

ناڻي واري وزير سان يو ايس پاڪستان بزنس ڪونسل جي اڳواڻن ۽ ميمبرن به ملاقات ڪئي جنهن دوران محمد اورنگزيب معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت ڪاروباري طبقي کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

انهي کان علاوه ناڻي واري وزير سان سٽي بينڪ جي نمائندن، آءِ ايف سي جي ريجنل نائب صدر ريڪارڊو پوليتي سان به ملاقات ٿي جنهن دوران ريڪوڊڪ منصوبي جا مالياتي معاملا جلد طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ناڻي واري وزير سان اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر ڊاڪٽر سليمان الجاسر به ملاقات ڪئي جنهن دوران محمد اورنگزيب ايم 6 موٽر وي ڪي 2 حصن جي لاءِ فنانسنگ جي منظوري تي ٿورو ادا ڪيو جڏهن ته پوليو جي خاتمي ۽ تيل فنانس سهولت ۾ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ٻنهي شخصيتن جي ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ جي وچ ۾ نئين ڪنٽري انگيجمنٽ فريم ورڪ جي تياري تي به اتفاق ڪيو ويو.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔