شرم الشيخ : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير کي پنهنجو پسنديده فيلڊ مارشل قرار ڏنو آهي،شرم الشيخ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف هتي آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير اڄ هتي ناهي، ان کان پوءِ صدر ٽرمپ پوئتي موٽيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي سندس سلام پيش ڪري، صدر ٽرمپ چيو ته هو چاهي ٿو ته هندستان ۽ پاڪستان بهترين پاڙيسري رهن، ياد رهي ته مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان صدر ٽرمپ کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو آهي.شهباز شريف چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ نوبل امن انعام جو سڀ کان وڌيڪ حقدار آهي، آمريڪي صدر نه رڳو امن آندو آهي پر لکين ماڻهن جون جانيون به بچايون آهن.