شروتي هاسن پنهنجي ماضيءَ تان پردو کڻي ڇڏيو

ممبئي : بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا شروتي هاسن پنهنجي ماضيءَ بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو.
35 ورهين جي شروتي هاسن بالي ووڊ جي صلاحيت اداڪارائن مان هڪ آهي، هوءَ ناليواري ڀارتي اداڪار ۽ سياستدان ڪمل هاسن جي ڌيءَ آهي ۽ هيل تائين مختلف بالي ووڊ ۽ تامل فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.
شروتي هاسن تازو ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته مان مشهور ٿيڻ کان اڳ ممبئي جي علائقي جوهو جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ انگريزي گانا ڳائيندي هيس پر منهنجا مداح ان ڳالهه کان واقف ناهن.
ان کان اڳ شروتي هاسن ان ڳالهه جو به اعتراف ڪري چڪي آهي ته مان پنهنجا بل پاڻ ڀريندي آهيان، ان معاملي ۾ پيءُ يا ماءُ مدد ناهن ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔