ڊيٽا وائرس جي متاثرن لاءِ بُري خبر

هونئن ته ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کان سٺي خبر ناهي پر تنهن هوندي به وائرس جي ڊيلٽا قسم ۾ مبتلا ٿيڻ وڌيڪ خطرناڪ آهي.
ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.
وائرس جي ڪري سڄي دنيا ۾ تهلڪو متل آهي، دنيا جي مختلف ملڪن جو حڪومتون پنهنجي عوام کي وائرس کان بچائڻ لاءِ مختلف هربا هلائي رهيون آهن.
جتي وائرس کان بچڻ لاءِ احتياط جا اپاءَ ڳوليا ويا آهن اتي ان بيماري جي سڃاڻ ۽ ان مان نجات لاءِ علاج ڳولڻ جو سلسلو به ناهي رڪيو.
شروعات کان هن وقت تائين ڪورونا وائرس به مختلف ملڪن ۽ علائقن کان ٿيندو پنهنجي شڪل تبديل ڪندو آيو آهي جنهن جي ڪري ان جي نقصانن جو خطرا به پهرين صورتن کان مٽيل آهن.
تازو هڪ تحقيق ڪئي وئي آهي ته ڪورونا جي ڊيلٽا قسم ۾ مبتلا ٿيندڙ ماڻهن جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جا خطرا ايلفا قسم ۾ متاثر ٿيندڙن جي مقابلي ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ آهن.
اهڙي ڳالهه برطانيا ۾ هڪ ٿيندڙ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
ڀارت ۾ سڀ کان پهريون اهو قسم ڳوليو ويو هو جيڪو برطانيا ۾ ملندڙ ايلفا کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو هو.
تحقيق ۾ ڊيلٽا جي ماڻهن کي وڌيڪ بيمار ڪرڻ واري اهليت تي روشني وڌي وئي خاص طور تي اهي ماڻهو جن کي اڃا تائين ويڪسين ناهي ڪرائي وئي.
ان تحقيق جي لاءِ ماهرن چيو آهي ته برطانيا ۾ 29 مارچ کان 22 مئي 2021 تائين رڪارڊ ٿيندڙ 43 هزار 338 ڪووڊ ڪيسن جي ڊيٽا جو تجزيو آهي.
انهن مان رڳو 8 سيڪڙو ماڻهن ۾ويڪسين ڪئي وئي هئي، 24 سيڪڙو ماڻهن ويڪسين جو پهريون ڊوز ڪرايو هو، جڏهن ته 74 سيڪڙو ويڪسين نه ٿي هئي.
ڪورونا وائرس جي سڃاڻ کانپوءِ 14 ڏينهن جي اندر اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن ۾ ايلفا مان متاثر ماڻهن جي شرح 2.2 جڏهن ته ڊيلٽا ڪيسن جي شرح 2.3 سيڪڙو هئي.
ماهرن اهو لڌو آهي ته ايلفا جي مقابلي ۾ ڊيلٽا کان متاثر مريضن جو اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو خطرو 2.26 ڀيرا وڌيڪ آهي.
پبلڪ هيلٿ انگلينڊ جي هن تحقيق ۾ شامل ماهرن چيو ته نڪتل نتيجن مان اها خبر پئي آهي ته ڊيلٽا مان متاثر ماڻهن ۾ بيماري جي شدت وڌڻ جا امڪان ايلفا جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔