بادام، ڪشمش، ڪاجو، کاڄا ۽ اخروٽ کائو وزن گهٽايو

هڻ وٺ واري هن دور ۾ هر شخص پريشان آهي ۽ وزن وڌڻ ۽ ٿلهو ٿي وڃڻ ڪي پريشان آهي. وزن تڪڙو وڌي ٿو پر ان کي گهٽائڻ ۾ ڪافي وقت ۽ محنت لڳي ٿي. اسان وٽ موجود 5 خشڪ ميوا اهڙا آهن جن کي کائڻ سان وزن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. انهن ۾ بادام وزن گهٽائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو آهي. بادام کائڻ سان اوچتو بک لڳڻ کان بچي سگهجي ٿو. ٻئي نمبر تي ڪشمش آهي جنهن ۾ ڪيلوريز تمام گهٽ آهن ۽ اها کائڻ سان گهڻي بک به ناهي لڳندي. ڪاجو محدود مقدار ۾ کائڻ سان به وزن گهٽجي سگهجي ٿو. کاڄا يا مڱيرا به وزن گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن. انهن ۾ شامل مختلف تيزاب جسم جي سوڄ گهٽائين ٿا ۽ جسم کي طاقت به ملندي آهي. اخروٽ ۾ پروٽين، معدنيات ۽ وٽامن هوندي آهي ان ڪري اهي به وزن گهٽائيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔