ڪراچي ۾ فيڪٽري کي باهه، فوت ٿي ويلن جو انگ 17 ٿي ويو

ڪراچي : ڪراچي جَي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ ڪيميڪل فيڪٽري کي خوفناڪ باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيل پورهيتن جو انگ وڌي 17ٿي ويو، فوتين ۾ ٻن ڀائرن سوڌو هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي به شامل.

ڪراچي ۾ باهه جي وڪڙ ۾ آيل ڪيميڪل فيڪٽري غير قانوني نڪتي، ڪي ڊي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ڪيميڪل فيڪٽري رهائشي پلاٽ تي قائم آهي، رهائشي پلاٽ تي ڪمرشل ۽ انڊسٽريل ڪم جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فيڪٽري غير قانوني هئي ته ڪي ڊي اي اختياريون هيل تائين ڇا ڪري رهيون هيون؟، سڙي فوت ماڻهن جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟.

ڪراچي جو ايڊ منسٽريٽر مرتضيٰ وهاب نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته باهه واقعي ۾ انتظاميه به قصور وار آهي، فيڪٽري جي مالڪ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، مالڪ قصور وار ٿيو سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه لڳي هئي، جنهن جي شدت اختيار ڪرڻ بعد عمارت جا ڪجهه حصا ٽٽي پيا هئا، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن  دوران 2 اهلڪار عمارت تان ڪِري زخمي به ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔