ڪراچي: فيڪٽري باهه واقعي جو ڪيس داخل، مالڪ، مئنيجر۽ سپر وائزر قصور وار

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه لڳڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فيڪٽري مالڪ علي مهتا، مئنيجر عمران زيدي، سپر وائيزر ظفر، ريحان ۽ چوڪيدار سيد زرين کي قصور وار قرار ڏنو ويو.

انڊسٽريل ٿاڻي ۾ سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته باهه واقعي ۾ 16 پورهيت ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا، هڪ پيرسن پُٽ جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيوآهي.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته فيڪٽري ۾ هنگامي حالتن جي صورت ۾ ٻاهر نڪرڻ جو ڪوبه لنگهه نه هو، فيڪٽري ۾ وڃڻ جو هڪ ئي رستو هو، الارم سسٽم به نه لڳايو ويو هو.

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اسان چوڪيدرا کان تالا کولڻ لاءِ چيو ۽ عمارت اهڙي طرح ٺاهي وئي هئي جو ايمرجنسي ۾ ڪير ٻاهر به نه پيو نڪري سگهي.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارگرفتار نه ٿي سگهيا آهن، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔