ٽيليگرام نئين فيچر جو اعلان ڪري ڇڏيو

ٽيليگرام طرفان واهپيدارن لاءِ هڪ نئون ۽ بهترين فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽيليگرام طرفان هڪ پيغام جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نئين فيچر جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي.
ٽيليگرام موجب واهپيدار هاڻ چيٽ دوران ڪي بورڊ جي استعمال سان پنهنجن دوستن کي لکت پيغام، ايموجيز، وائس ميسيجز سولائي سان موڪلي سگھي ٿو.
وڊيو ۾ واهپيدارن کي چيٽ ۾ اينيميشن موڪلڻ جو طريقو به ٻڌايو ويو آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته واهپيدار ان وڊيو کي ڏسي نه رڳو لطف اندزو ٿيندو پر هو پنهنجي دوستن سان نئين انداز ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪري سگھندو.
واضح رهي ته ٽيليگرام جو اهو نئون فيچر اينڊرائيڊ ۽ آءِ فون واهپيدارن ٻئي استعمال ڪري سگھندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔