فيس بڪ جو واهپيدارن جي سهولت لاءِ وڏو قدم

فيس بڪ هڪ ڊجيٽل والٽ نووي لانچ ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي جيڪو واهپيدارن کي ڪرپٽو ڪرنسي گڏ ڪرڻ ڏيندو.
فيس بڪ جي ڪرپٽو يونٽ سربراهه ڊيوڊ مارڪس هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪمپني جا وڏا عهديدار هن سال نووي نالي ڊجيٽل والٽ کي لانچ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
مارڪس چيو ته هو نووي کي ڊائم سان گڏ جاري ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ڊائم ڊالر سان سلهاڙيل هڪ ڊجيٽل ڪرنسي جهڙي ڪمپني ٺاهي رهي آهي، پر ڊائم جو وقت غير يقيني آهي.
2019ع ۾ فيس بڪ چيو ته هو هڪ ڪرپٽو ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن کي هن وقت لبرا چيو ويندو آهي پر ان پروجيڪٽ کي سيڪيورٽي ۽ اعتماد جوڳو هجڻ تي خدشن تي ريگيوليٽري مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو.
ڊسمبر 2020ع ۾ لبرا پنهنجو نالو مٽائي ڊائم رکي ڇڏيو ۽ اسٽريٽجڪ تبديلي جي هڪ حصي جي طور تي سوئٽزرلينڊ کان آمريڪا منتقل ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔