طالبان سان سڌيءَ ريت ڳالهيون جاري آهن: ترڪي

انقرا: ترڪ صدر طيب اردگان چيو آهي ته انهن جي حڪومت طالبان سان سڌي ريت ڳالهيون ڪري رهي آهي، ته جيئن بين الاقوامي فوج جي نيڪالي کانپوءِ ڪابل ايئرپورٽ جو گڏيل انتظام سنڀالڻ جي حوالي سان حتمي فيصلا ڪري سگهجن.
عرب ميڊيا موجب ترڪي ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪابل ايئرپورٽ تي قائم عارضي سفارتخاني جي عمارت ۾ ساڍا ٽي ڪلاڪ جاري رهيون.
ان حوالي سان ترڪ صدر چيو ته ڪابل ايئرپورٽ هلائڻ لاءِ ٽيڪنيڪي سهڪار لاءِ طالبان جي درخواست تي غور ڪري رهيا آهيون، طالبان ڪابل ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي پاڻ وٽ رکڻ چاهين ٿا ۽ ترڪي کي ايئرپورٽ هلائڻ جي دعوت ڏئي رهيا آهن.
طيب ارگان چيو ته ايئرپورٽ سنڀالڻ جي فيصلي کان پهريون افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال ضروري آهي، ضرورت پئي ته ٻيهر ڳالهيون ڪنداسين.
ٻئي پاسي ترڪي جي سينيئر اڳواڻن چيو ته ڪابل ايئرپورٽ تازي حملي سبب ايئرپورٽ کي محفوظ بڻائڻ يا ڪنهن به ترڪ آپريشن اسٽاف کي محفوظ بڻائڻ جي طالبان جي صلاحيتن تي شڪ شبها پيدا ڪيا آهن.
ترڪ عهديدارن موجب ترڪي طالبان جي فراهم ڪيل سيڪيورٽي ۾ ڪابل ايئرپورٽ جو انتظام هلائڻ جي حق ۾ ناهي، گذريل ڏينهن جي حملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ترڪي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔