دبئي جي حڪمران ٻلي کي بچائيندڙن لاءِ خزانا کولي ڇڏيا

دبئي: انسانيت جو قدر ته دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڏٺو ويندو آهي پر ان سان گڏ ساهه دار شين لاءِ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو جي جوکي ۾ وجهندا آهن.
اهڙو ئي هڪ واقعو دبئي ۾ به پيش آيو، جتي چئن ڄڻن هڪ ٻلي جي زندگي بچائي ورتي.
جڏهن اهو واقعو دبئي جي حڪمران ۽ اماراتي وزيراعظم جي نظرن اڳيان گذريو ته ان ٻلي جي جان بچائيندڙن لاءِ خزانن جا در کولي ڇڏيا.
ٻه ڏينهن اڳ شيخ محمد بن راشد المتڪوم ٽوئيٽر تي وڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ 4 ماڻهن هڪ عمارت لٽڪندڙ ٻلي کي چادر جي مدد سان زمين تي ڪرڻ کان بچايو هو، پرڏيهي اخبار موجب اها ٻلي پيٽ سان به هئي.
شيخ محمد بن راشد چئني ماڻهن جي ساراهه ڪندي واهپيدارن کان ٻلي جي مدد ڪندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي اپيل به ڪئي هئي.
پرڏيهي اخبار موجب چئني ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ پاڪستاني به شامل آهي، اهي سمورا ماڻهو دبئي ۾ مختلف نوڪريون ڪندا آهن.
رپورٽ موجب دبئي حڪمران جي نمائندي چئني ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ في ماڻهو کي 50 هزار درهم (22 لک رپين کان مٿي) رقم وارو لفافحو انعام طور ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔