ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪا، داعش تي حملن جا حڪم

ڪابل: گذريل ڏينهن ڪابل جي احمد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ هڪٻئي پٺيان ٽي ڌماڪا ٿيا هئا جنهن سبب هن وقت تائين 90 ماڻهو مارجي چڪا آهن.
ڌماڪن جي مذمت عالمي ملڪن سميت طالبان به ڪئي هئي جڏهن ته داعش انهن ڌماڪن جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
ان حوالي سان آمريڪا جي صدر جو بائيڊن ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪن جو ذميوار داعش خراسان کي قرار ڏيندي شدت پسند تنظيم جي قيادت تي حملا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي صدر جو بائيڊن ٻڌايو ته ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن جي حوالي سان داعش ۽ طالبان جي ملي ڀڳت جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، هن جو چوڻ هو ته طالبان سٺا ماڻهو ناهن پر ڪابل ايئرپورٽ تائين رستو کليل رهڻ انهن جي مفاد ۾ آهي.
جو بائيڊن چيو ته آمريڪي اهلڪارن تي حملي جي منصوبابندي داعش ۽ ڪابل جي جيلن مان نڪرندڙ ماڻهو ڪري رهيا هئا، حملي جا ذميوار جٿي به هوندا انهن کي ڳولي لهنداسين ۽ انهن کي ان حملي جي قيمت ادا ڪرڻ تي مجبور ڪنداسين.
هن چيو ته اسان ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جي ذميوارن کي پنهنجي طاقت سان پنهنجي مرضي تي جاءِ تي ڀرپور جواب ڏينداسين.
واضح رهي ته انهن ڌماڪن سبب 13 آمريڪي فوجين سميت 90 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 140 ڄڻا زخمي آهن.
ايئرپورٽ تي ڌماڪن جي ذميواري داعش قبول ڪندي چيو آهي ته خودڪش بمبار آمريڪي فوج جي سيڪيورٽي حدن کان 50 ميٽر اندر وڃي پاڻ کي اڏائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔