هزارين گھرن کي بجلي ڏيندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي ونڊ ٽربائن

بيجنگ: چيني ڪمپني ”منگ يانگ سمارٽ اينرجي“ اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ سال کان دنيا جي سڀ کان وڏي ونڊ ٽربائن جي پروٽوٽائيپ جي آزمائش شروع ڪندي.
جنهن کي 2024ع تائين واپاري پيماني تي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو. اها ونڊ ٽربائن سمنڊ ۾ لڳائي ويندي.
(Myse 16.0-242) نالي اها ونڊ ٽربائن 242 ميٽر (794 فٽ) بلند هوندي ۽ سالياني 80 گيگا واٽ جي شرح سان بجلي پيدا ڪري سگھندي.
سولن لفظن ۾ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اها 25 سالن تائين ايتري بجلي پيدا ڪري سگھندي جو 20 هزار گھرن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي.
في الحال دنيا جي سڀ کان وڏي ونڊ ٽربائن جو اعزاز آمريڪا جي ”هيلي ايڊايڪس“ وٽ آهي جنهن کي ”جنرل اليڪٽرڪ“ تيار ڪيو آهي. 853 فٽ ڊگھي اها ونڊ ٽربائن 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندي جنهن جي هر پَر ”بليڊ“ جي ڊيگهه 107 ميٽر (351فٽ) هوندي.
ان جي ڀيٽ ۾ چيني ڪمپني منگ يانگ جي ونڊ ٽربائن جي اونچائي ضرور گھٽ رکي ويندي پر ان جو هر بليد 118 ميٽر (387فٽ) ڊگھو هوندو، جيڪو هيلي ايڊايڪس ونڊ ٽربائن بليڊ کان 11 ميٽر ڊگھو هوندو.
واضح رهي ته چين هن وقت دنيا ۾ هوا مان بجلي ٺاهيندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي جنهن 2020ع ۾ ڪورونا وبا باوجود هوا مان بجلي جي پيداوار (ونڊ اينرجي پروڊڪشن) ۾ 71.6 گيگا واٽ جي واڌ ڪندي ان کي 281 گيگا واٽ تائين پهچايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔