فواد عالم ليجنڊ ڪرڪيٽرن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور بيٽسمين فواد عالم جميڪا ٽيسٽ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ سان گڏ ايشيا جي مشهور ڪرڪيٽرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. فواد عالم ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ اننگز ۾ 5 سينچري اسڪور ڪندڙ بيٽسمين بڻجي ويو. قومي ڪرڪيٽر اهو اعزاز رڳو 22 اننگز ۾ حاصل ڪيو، ايشيا جو ڪو بھ ڪرڪيٽر 22 اننگز ۾ اهو اعزاز نه ماڻي گهيو آهي. فواد عالم چيو ته کيس امڙ چيو هو ته ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندي ۽ مان سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ اها ڪاميابي پنهنجي امڙ جي نانءُ ڪيان ٿو، جنهن جي دعا سان نئون رڪارڊ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔