آمريڪا ۽ طالبان ۾ رابطن جو انڪشاف

واشنگٽن : برطانيا طرفان آمريڪي صدر کان افغانستان مان نڪرڻ جي حتمي تاريخ ۾ واڌ جي مطالبي تي پينٽاگون ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته ضرورت پوڻ تي 31 آگسٽ جي ڊيڊ لائن ۾ واڌ جو جائزو وٺنداسين.
ان کان اڳ طالبان ترجمان سهيل شاهين واضح ڪري چڪو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوجون نڪرڻ جي تاريخ وڌائڻ سان بي اعتمادي پيدا ٿيندي، پرڏيهي فوجن جي نڪرڻ ۾ دير جو مطلب افغانستان تي قبضي ۾ واڌ هوندو، جيڪڏهن آمريڪا افغانستان مان فوجي ڪڍڻ جي تاريخ 31 آگسٽ جي ڊيڊ لائن وڌائي ته اسان جي طرفان ردعمل سامهون ايندو.
هوڏانهن آمريڪي قومي سلامتي بابت صلاحڪار جيڪ سليوان انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا سياسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن تي روز جي بنياد تي طالبان سان رابطي ۾ آهي.
هن چيو ته انهن سڀني آمريڪين کي افغانستان مان ڪڍي سگهون ٿا، جيڪي 31 آگسٽ تائين نڪرڻ چاهين ٿا، آمريڪي صدر هن وقت طالبان قيادت سان ڳالهين تي غور نه پيو ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔