فيس بڪ ايپ ۾ وڏي تبديلي جو فيصلو ڪري ورتو

هڪ وقت هو جڏهن فيس بڪ جي ايپ اندر ئي واهپيدار دوستن سان چيٽ ڪري سگھندا هئا پر ڪمپني پوءِ ان فيچر کي ڌار ڪري ڇڏيو ۽ واهپيدارن کي ميسيجز ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
ان پاليسي کان پوءِ گھڻا ماڻهو فيس بڪ ايپ ۽ ميسينجر کي ڌار ڌار استعمال ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهن پر هاڻ ائين لڳي ٿو ته فيس بڪ تسليم ڪري ورتو آهي ته اهو فيصلو درست نه هو.
بلوم برگ جي رپورٽ موجب فيس بڪ پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ ۽ آڊيو، وڊيو ڪالز کي ان جي مرڪزي ايپ تي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واهپيدار پنهنجي فيس بڪ جي دوستن کي وڊيو يا وائس ڪال ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي جلد مرڪزي فيس بڪ ايپ ذريعي ائين ڪري سگھندا.
پر جيڪڏهن هو چيٽ ڪرڻ چاهين ٿا ته ظاهري طور کين هاڻ به ميسيجز ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔