اڳوڻو برطانوي فوجي روپ مَٽائي ڪابل مان فرار

ڪابل ۾ طالبان جي مڪمل ڪنٽرول کانپوءِ اڳوڻي برطانوي فوجي لائيڊ ڪامر جون ملڪ مان فرار ٿيڻ جون تصويرون منظر تي آيون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب لائيڊ ڪامر جي عمر 60 ورهيه آهي ۽ هو برطانوي فوج مان رٽائرد آهي، هن 35 سال فوج لاءِ خدمتون انجام ڏنيون پر طالبان جي ڪابل تي قبضي کان اڳ هڪ نجي شعبي سان سلهاڙيل هو.
طالبان جي ملڪ ۾ داخلا کانپوءِ برطانوي پرڏيهي کاتي طرفان شهرين کي ايئرپورٽ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي پر لائيڊ سڀني هدايتن کي نظرانداز ڪندي ملڪ مان فرار ٿي ويو.
برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي لائيڊ ڪامر چيو ته جيڪڏهن مان پرڏيهي کاتي جي هدايتن کي مڃان ها ته شايد اڄ جيئرو نه هجان ها، تنهن ڪري شلوار قميص پائي ۽ مٿي تي رومال وجهي روپ مٽايو ۽ افغان شهرين ۾ گهڙي حامد ڪرزئي ايئرپورٽ کان سفر شروع ڪيو.
هن چيو ته ايئرپورٽ تائين پهچڻ جي رستي ۾ 3 طالبان چوڪيون پار ڪيون، اتي جهڙتي به ورتي وئي، خبر ناهي طالبان سڃاڻڻ کانپوءِ مون سان ڪهڙو حشر ڪن ها.
سندس موجب مان هوٽل پهچي برطانوي فوجي آفيسرن سان رابطو ڪيو ۽ اتي موجود ٻين برطانوي شهرين سان گڏ ايئرپورٽ جي داخلي دَر تي پهچي ويس، ايئرپورٽ کان جهاز تي سوار ٿي گڏيل عرب امارتن ۾ پهتس، جتان پنهنجي گهر جي اڏام لاءِ سفر ڪيو.
لائيڊ ڪامر چيو ته حفاظت سان برطانيا واپسي جي 4 ڏينهن کانپوءِ پرڏيهي کاتي طرفان ڪال وصول ٿي ته ڇا توهان اڃا ڪابل ۾ آهيو؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔