ڪورونا جو قسم ڊيلٽا تيزي سان پکڙجڻ جو وڏو سبب دريافت

اسان کي اها ته خبر آهي ته ڪورونا وائرس جو ڊيلٽا قسم اڳوڻن قسمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وچڙندڙ آهي پر هاڻ انڪشاف ٿيو آهي ڊيلٽا قاسم سان متاثر مريض ۾ وائرل لوڊ جو مقدار ڪيترو هوندو آهي.
ڪورونا جي وڌيڪ وچڙندڙ قسم ڊيلٽا سان متاثر مريض ۾ وائرل لوڊ اوريجنل وائرس جي ڀيٽ ۾ 300 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.
اهو انڪشاف ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آيو آهي.
وائرل لوڊ جي وڌيڪ مقدار مان وضاحت ٿئي ٿي ته ڪورونا جو اهو قسم ايڏي تيزي سان ڇو ٿو پکڙجي ۽ هڪ فرد ان وائرس کي ڪيترن ئي ماڻهن ۾ منتقل ڪري سگھي ٿو.
تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته وائرل لوڊ جي مقدار ۾ وقت سان گڏ گھٽتائي به اچي ٿي، 4 ڏينهن ۾ اهو مقدار گھٽجي 30 ڀيرا تائين پهچي ٿو ۽ 9 ڏينهن ۾ 10 ڀيرا جي حد تائين.
ڪوريا ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريونٽيشن ايجنسي ( ڪي ڊي سي اي) جي تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته 10 ڏينهن کان پوءِ وائرل لوڊ جو مقدار ڪورونا جي ٻين قسمن جي سطح تي برابر پهچي وڃي ٿو.
ڪوريا جي صحت وزارت جي عهديدار لي سانگ وون نيوز ڪانفرنس دوران تحقيق جا نتيجا جاري ڪندي ٻڌايو ته وڌيڪ وائرل لوڊ جو مطلب اهو آهي ته وائرس سولائيءَ سان هڪ کان ٻئي فرد تائين پکڙجي ٿو، جنهن سبب ڪيسن ۽ اسپتالن ۾ مريضن جوانگ وڌي ٿو.
هن ٻڌايو ته پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڊيلٽا قسم 300 ڀيرا وڌيڪ وچندڙ آهي، اسان جي خيال ۾ ان جي پکيڙ برطانيا ۾ دريافت ٿيل ڪورونا جي قسم ايلفا جي ڀيٽ ۾ 1.6 ڀيرا جڏهن ته اورجنل وائرس کان 2 ڀيرا وڌيڪ آهي.
ڪي ڊي سي اي موجب ڪورونا جي قسم ڊيلٽا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته شڪي علامتن تي ماڻهو ترت ٽيسٽ ڪرائين ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقات کان پاسو ڪن.
ان تحقيق ۾ ڊيلٽا قسم جي متاثر 1848 مريضن جي وائرل لوڊ جي ڀيٽ وائرس جي ٻين قسمن جي مريضن جي وائرل لوڊ سان ڪئي وئي.
اها پهرين تحقيق نه آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊيلٽا قسم سان متاثر مريض ۾ وائرل لوڊ اڳوڻن قسمن کان وڌيڪ هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔