طالبان افغان شهرين لاءِ ڪابل ايئرپورٽ بند ڪري ڇڏيو

ڪابل: طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد افغان شهرين لاءِ ڪابل ايئرپورٽ جي بندش جو اعلان ڪندي آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته افغانستان مان هنرمند شهرين کي ڪڍڻ کان پاسو ڪري.
پريس ڪانفرنس ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته آمريڪا ماڻهن کي ايئرپورٽ تي گهرائيندو آهي ۽ پوءِ انهن تي ئي فائرنگ ڪندو آهي، تنهن ڪري ايئرپورٽ افغان شهرين لاءِ بند ڪري رهيا آهيون ۽ رڳو پرڏيهين کي ملڪ کان وڃڻ جي اجازت هوندي.
هن چيو ته 10 ڏينهن ۾ تشدد، قتل ۽ دهشتگردي جو هڪ به واقعو نه ٿيو، ڪابل ايئرپورٽ کي ڇڏي سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم آهي ۽ اتي به ماڻهو مارجڻ جو ذميوار آمريڪا آهي.
سندس چوڻ هو ته پنجشير ۾ مزاحمت ڪندڙ ڀائر آهن، اهي نه ڊڄن، اسان ويڙهه نٿا چاهيون، انهن کي ڪابل اچڻ جي دعوت به ڏيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔