ڪورونا وبا وڌيڪ 91 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 4هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 91 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 25 هزار 94 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 11 لک 31 هزار 659 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 75 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 3 لک 82 هزار 332، سنڌ ۾ 4 لک 22 هزار 418، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 57 هزار 721، بلوچستان ۾ 31 هزار 865، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 687، اسلام آباد ۾ 96 هزار 771، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 30 هزار 865 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 73 لک 36 هزار 393 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59 هزار 943 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 10 لک 15 هزار 519 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 513 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 91 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 25 هزار 94 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 11 هزار 605، سنڌ ۾ 6 هزار 627، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 819، اسلام آباد ۾ 852، بلوچستان ۾ 336، گلگت بلتستان ۾ 170 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 685 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔