سنڌ ڪابينا طرفان مختلف کاتن ۾ 20هين گريڊ جون خالي پيل جايون ڀرڻ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ ڪابينا مختلف کاتن ۾ 20هين گريڊ جون خالي پيل 47 جايون ڀرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 20هين گريڊ جون 59 پوسٽون خالي آهن، پر رڳو 19 آفيسرز مقرر ٿيل آهن.

اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي تھ اھڙي طرح گريڊ بي ايس 20 جي 67 پوسٽس آهن پر 19 ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 48 خالي آهن، گريڊ بي ايس 19 جون 59 پوسٽس آهن جن مان  25 ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 34 خالي آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گريڊ بي ايس 18 جون 85 پوسٽس آهن پر 53 ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 32 خالي پيل آهن، صوبي ۾ وفاقي حڪومت پي اي ايس آفيسرن جون مختلف گريڊس جون 125 پوسٽس خالي پيل آهن جنهن ڪري ڪم متاثر ٿي رهيو آهي..

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾سنڌ ڪابينا پاران سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار  ڪيو ويو. وڏي وزير چيو آهي ته ارسا انڊس سسٽم مان جهلم، چناب سسٽم مان سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنالن کي پاڻي ڏئي پيو، جنهن تي سنڌ ڪابينا سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنالن کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪيڊر پوسٽن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ وفاقي حڪومت پي اي ايس جا گريڊ بي ايس 21 جون 16 پوسٽون خالي آهن پر صرف 5 ڏنيون ويون آهن ۽ 11 خالي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔