دپيڪا وڏو معاوضو گهرڻ تي بيجوباورا مان آئوٽ ٿي: ڀارتي ميڊيا

ممبئي: دپيڪا پڊوڪون، بالي ووڊ انڊسٽري سميت ڀارت جي فيشن انڊسٽري جي ناليواري ۽ قابل اداڪارا ۽ ماڊل آهي.دپيڪا پڊوڪون پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ ڪيترين ئي وڏين فلمن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان کان سواءِ ڪيترن ئي وڏن پروڊيوسرز ۽ ڊائريڪٽرز سان به ڪم ڪري چڪي آهي جنهن ۾ سنجي ليلا ڀنسالي فهرست ۾ سڀ کان مٿي آهي.تازو ئي ڪجهه خبرن ۾ اهو ٻڌڻ ۾ آيو آِهي ته سنجي ليلا ڀنسالي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ بالي ووڊ فلم بيجوباورا جي ڪاسٽ مان اداڪارا دپيڪا پڊوڪون کي ڪڍيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب دپيڪا پنهنجي مڙس رنوير سنگهه جيترو معاوضو وٺڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي اداڪارا پنهنجي هاڻوڪين فلمن ۾ هيرو کان وڌيڪ معاوضي جو مطالبو ڪندي رهي آهي جنهن کي قبول ڪيو ويندو هو پر هن ڀيري بيجوباورا جي هدايتڪار سنجي ليلا اداڪارا جي ان درخواست کي رد ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔