پيٽرول جون وڌندڙ قيمتون: گهوٽ ڪنوار کي پيٽرول جو تحفو!!

ممبئي: دنيا جي ٻين حصن وانگر ڀارت ۾ به پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن ماڻهن کي پريشان ڪري رکيو آهي، شايد اهو ئي سبب هو جو تامل ڪاميڊين مائيل سيمي پاران هڪ شادي شده جوڙي کي پيٽرول تحفي ۾ ڏنو ويو. تامل ڪاميڊين مائلي سمي جون ڪجھ تصويرون ڀارتي ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون آھن جن ۾ ڪاميڊين  شادي جي اسٽيج تي نئين شادي شده جوڙي کي پيٽرول جا ٻه ننڍا گيلن تحفي طور ڏئي رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ، مائيل سيمي گهوٽ ڪنوار کي تحفي طور 5 ليٽر پيٽرول ڏئي اصل ۾ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔