گلوبل ميڊيا وومين سنڌ جي وفد پاران پنجاب جو ثقافتي دورو

لاهور:گلوبل ويمن ميڊيا جي وفد پاران پنجاب حڪومت جي اهتمام هيٺ سالياني ثقافتي مٽاسٽا واري ٽن ڏينهن واري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي وئي. پنجاب حڪومت جي هن پروگرام جو مقصد پنجابي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ آهي، پنجاب حڪومت پاران هر سال اهو پروگرام ڪيو ويندو آهي، هن سال 2021 ۾ اهو پروگرام گلوبل وومين ميڊيا جي ميمبرن سان گڏجي ڪيو ويو،

ان سلسلي ۾ گلوبل وومين ميڊيا تنظيم جي سنڌ جي عورت صحافين جي هڪ وفد سالياني ثقافتي پروگرام هيٺ پنجاب جو دورو ڪيو ، اهو دورو ٻارهن، تيرهن ۽ چوڏنهن آگسٽ ٽن ڏينهن جو هو . پهرين ڏينهن سالياني ثقافتي مٽاسٽا واري پروگرام جي سلسلي ۾ گلوبل وومين جي وفد گرم حمام، بادشاهي مسجد ۽ شاهي قلعي جو دورو ڪيو ، ان موقعي تي بادشاهي مسجد جي پروٽوڪول آفيسر محمد اورنگزيب بادشاهي مسجد جي تاريخ جي حوالي سان آگاه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان مسجد ۾ هڪ ئي وقت هڪ لک نمازي نماز پڙهي سگهن ٿا.ان موقعي تي باني ۽ چيئرپرسن جي ڊبليو اي منيزي معين، ممبر ثنا هاشمي، ناجيا مير،افشين قريشي، دعا مرزا ،زنيره الياس،جنت بٽ ۽ سيد تراب شاهه موجود هئا.

پهرين ڏينهن کاڌي جو بندوبست لاهور جي مشهور فوڊ اسٽريٽ جي ناليواري ريسٽورينٽ حويلي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊي جي ورلڊ سٽي ڪامران لاشاري صاحب ميزبان طور موجود هو. ورلڊ سٽي ۾ ان جي دور ۾ ڪرايل ڪمن تي به تفصيلي طور ڳالهايو ويو ۽ جي ڊبليو ايم جي ميمبرن ورلڊ سٽي جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ صلاحون به ڏنيون.

 ٻئي ڏينهن جي شروعات لاهور جي اندروني علائقي ۾ لاهوري ناشتي سان ٿيو، جنهن جو بندوبست يوسي 146 جي اميدوار ملڪ زمان نصيب صاحب ڪيو هو. لاهور جي مشهور ڊيرا ريسٽورينٽس مان روايتي ناشتي  جو سامان گهرائي دسترخوان سجايو ويو، کاڌي ۾ نهاري، بونگ پاوا، حلوو، دال چڻن جي ، ڪلچا، مٽن ڪچوري ۽ لسي شامل هئي،ايتري لذيذ ۽ وڻندڙ کاڌي کانپوءِ ميمبرن آرام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جيم خاني جو رخ ڪيو، جتي سندن رهائش جو انتظام ڪيل هو.

ڪجهه ڪلاڪ آرام ڪرڻ کانپوءِ انهن واهگا بارڊر جو رخ ڪيو جتي پريڊ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، واهگا جي تقريب کانپوءِ رخ ڪيو لاهور ۾ ناليواري ريسٽورينٽ پويٽ يعني شاعر ريسٽورينٽ جو ، پويٽ ريسٽورينٽ ۾ ويهي جي ڊبليو ايم جي ميمبرن سڄي ڏينهن جي سرگرمين تي هڪ نظر وڌي ۽ انهن تي ڳالهايو ۽ کاڌي پيتي جو مزو ورتو.

ٽئين ڏينهن وفد گورنر هائوس پهتو جتي ڪوٺايل تقريب ۾ جي ڊبليو ايم جي ايمبيسيڊر حراماني به موجود هئي، پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گلوبل ويمن ميڊيا جي پيٽرن طور ايمبيسيڊر گلوبل ويمن ميڊيا حرا ماني کي ايوارڊ سان به نوازيو ۽ لاهور اچڻ تي ان جو ٿورو به مڃيو. ان موقعي تي جي ڊبليو ايم جي ايمبيسيڊر حرا ماني جو چوڻ هو ته هوءَ پاڪستان لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي، جي ڊبليو ايم جي چيئرپرسن منيزي معين چيو ته اسان کي پاڪستان لاءِ گڏجي ڪجهه ڪرڻو پوندو. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو ته عورتن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۽ انهن جي امپاورمنٽ لاءِ هو سدائين جي ڊبليو ايم جو ساٿ ڏيندو رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔