افغانستان خلاف سيريز، پي سي بي جو وڏو فيصلو

لاهور: پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سريلنڪا ۾ ون ڊي سيريز شيڊيول آهي.
ان سيريز جي ميزباني افغانستان کي ڪرڻي آهي پر افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال سبب سيريز جي حوالي سان پيدا ٿيل غير يقيني واري صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي.
سيريز جي سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميزبان بورڊ طرفان شيڊيول ۽ ٽريول پلان جاري نه ڪرڻ سبب ٽيم جو اعلان ۽ سڀاڻي کان تجويز ڪيل ڪئمپ به ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
پي سي بي ترجمان موجب افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان شيڊيول ۽ ٽريول پلان جو انتظار آهي، ٽيم جي اعلان سميت ڪئمپ به ان ئي شيڊيول سان مشروط آهي.
بورڊ چيو آهي ته جيستائين ميزبان بورڊ طرفان ڪو شيڊيول يا ٽريول پلان جاري نٿو ٿئي، تيستائين ٽيم جو اعلان ۽ ڪئمپ به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو فيصلو ڪئمپ خرچن کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔