ٻي ٽيسٽ: ويسٽ انڊيز جي ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت

ڪنگسٽن: ويسٽ انڊين ٽيم پاڪستان خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ڪنگسٽن ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ڪريگ بريٿ ويٽ ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ان موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٻڌايو ته اسان به ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ ئي ڪيون ها، ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪندي ياسر شاهه جي جاءِ تي نعمان علي کي کيڏايو ويو آهي.
واضح رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔