اڌ رنگ جو شڪار بڻائيندڙ اهي عادتون، جن کي اسان عام سمجهندا آهيون

طبي ماهرن ننڍي عمر جي ماڻهن تي اڌ رنگ جي حملي جو وڏو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ نوجوانن جي انهن عام عادتن بابت ٻڌايو ويو آهي، جيڪي کين اڌ رنگ جو شڪار ڪري سگهن ٿيون.
ڪيلگري يونيورسٽي جي تحقيق موجب گهڻو وقت ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ يا ٽي وي ڏسڻ جي عادت اڌ رنگ جهڙي مرض جو خطرو وڌائي سگهي ٿي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته 60 ورهين کان گهٽ عمر جا اهي ماڻهو، جيڪي ڏينهن ۾ 8 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ وقت ڪمپيوٽر تي گذاريندا آهن، ٽي وي ڏسندا آهن يا اهڙو ڪو ڪم ڪندا آهن، جنهن ۾ جسماني سرگرمي نه هجڻ برابر هوندي آهي، ان سان اڌ رنگ جو خطرو گهڻي حد تائين وڌي ويندو آهي.
تحقيق موجب جاڳڻ دوران جسماني طور گهٽ متحرڪ رهڻ جوان ماڻهن ۾ به اڌ رنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان وقت کان اڳ موت يا وري زندگي جو معيار بري طريقي سان متاثر ٿي سگهي ٿو.
طبي ماهرن طرفان تحقيق جي نتيجي ۾ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 150 منٽن جي مختلف جسماني سرگرمين جي صلاح ڏني وئي آهي.
محققن موجب وچين عمر جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جسماني طور متحرڪ نه هجڻ صحت لاءِ ڪيڏو نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔