طالبان جون آمريڪا لاءِ ڪم ڪندڙ شهرين خلاف ڪارروائيون، وڏي دعويٰ

گڏيل قومن کي موڪليل هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته طالبان گهر گهر وڃي آمريڪا ۽ نيٽو لاءِ ڪم ڪندڙ افغانين کي ڳولي رهيا آهن.
ڪابل تي قبضي کانپوءِ طالبان مخالفن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو هو، گڏوگڏ ڪابل ايئرپورٽ تي موجود ٻاهر ويندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي هئي ته اهي ملڪ کان ٻاهر نه وڃن.
پر هاڻ گڏيل قومن کي موڪليل رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته طالبان گهر گهر وڃي آمريڪا ۽ نيٽو لاءِ ڪم ڪندڙ افغان شهرين کي ڳولي رهيا آهن.
اها رپورٽ گڏيل قومن کي انٽيليجنس سروس فراهم ڪندڙ نارويجين سينٽر فار گلوبل ايناليسس طرفان موڪلي وئي آهي.
رپورٽ موجب طالبان وٽ اهڙن ماڻهن جي ترجيحي فهرست موجود آهي، جن کي اهي گرفتار ڪرڻ چاهين ٿا.
رپورٽ ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته طالبان طرفان فهرست ۾ موجود ماڻهن کي ڪابل ايئرپورٽ تي ڳوليو ويو.
هوڏانهن جرمن نشرياتي اداري جو چوڻ آهي ته طالبان ويڙهاڪن جرمن ريڊيو جي صحافي جي ڳولا ۾ سندس مائٽ کي ماري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔