خليل قمر جو عورتن جي حوالي سان وڌيڪ هڪ بيان

لاهور: ناليوارو ڊراما ساز ۽ ليکڪ خليل الرحمٰن قمر فيمينزم خلاف بيان بازي جي ڪري گهڻو تنقيد هيٺ رهيو آهي.
خليل قمر ڪيترائي عورت مخالف بيان ڏنا آهن جنهن جي ڪري کيس اهو چئي سگهبو آهي ته هو ”عورت جي آزادي“ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي جدوجهد جو حمايتي ناهي.
تنهن هوندي به هن ڪجهه وقت اڳ گهرواري سان سندس ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائڻ جي حوالي بيان آيو هو جنهن ۾ اها خبر پئي هئي ته خليل الرحمان عورتن جي ڪم ڪار ۾ انهن جو هٿ ونڊرائڻ کي سٺو عمل سمجهندو آهي جيڪو هو پاڻ به ڪندو آهي.
ان جي باوجود به اڄ پهريون ڀيرو خليل الرحمٰن قمر فيمينزم ۽ فيمينسٽ کي قبول ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ عورت جي عزت ۽ حرمت محفوظ ناهي.
خليل الرحمٰن قمر ماضي ۾ فيمنسٽ کي يورپي ۽ غيرملڪي ايجنڊا قرار ڏيندي ملڪي روايتن جي خلاف قرار ڏيندو آيو آهي.
تنهن هوندي به تازو پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ ۾ ٽڪ ٽاڪر ڇوڪري تي سوين ماڻهن جي حملي بابت ڳالهائيندي هن قبول ڪيو ته فيمينسٽ درست چونديون آهن ته پاڪستان ۾ عورتون محفوظ ناهن.
نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي خليل الرحمٰن قمر يوم آزادي جي موقعي تي مينار پاڪستان ويجهو ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرام کي ماڻهن جي هجوم طرفان هراسان ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو.
ڊراما نگار چيو ته مونکي جنهن مهل کان واقعي جي خبر پئي آهي ان وقت کان سوچي رهيو آهيان ته ان تي ڪئين ۽ ڇا ڳالهايان؟
هن هڪ عورت تي حملو ڪندڙن کي غنڊو چوندي واقعي کي ملڪ جي بدنامي جو سبب قرار ڏنو ۽ چيو ته ڄاڻايل واقعي کانپوءِ ڪير عالمي ميڊيا سان منهن ڪيئن ڏيندو؟ ۽ ڪيئن ان ڳالهه جو دفاع ڪندو ته اسلامي ملڪ ۾ هڪ عورت تي 400 مردن حملو نه ڪيو؟
خليل قمر وڌيڪ چيو ته عالمي ميڊيا ۽ ماڻهو سوال ڪندا ته اهو ڪهڙو اسلامي جمهوريا پاڪستان آهي، جتي پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي وئي هئي، اتي ئي هڪ اڪيلي عورت تي حملو ڪيو ويو.
هن چيو ته مان ان ڳالهه کي نٿو مڃان ته عورت اتي اڪيلي هئي، اتي ماڻهن جو وڏو هجوم هيو افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اتي ڪير به غيرتمند شخص نه هو جيڪو ان جي عزت ۽ جان بچائي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته واقعو گهڻي دير کانپوءِ رپورٽ ٿيو، پوليس کي اطلاع ملڻ جي باوجود پوليس اڍائي ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي تيستائين درندا صفت ماڻهو عورت جي تذليل ڪري چڪا هئا.
هن واقعي ۾ملوث ماڻهن جي ذهني صحت تربيت تي سوال اٿاريندي چيو ته ان ۾ والدين، معاشري، فلمن، ڊرامن ۽ سوشل ميڊيا جو به ڏوهه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔