برطانوي آرمي چيف جو طالبان کي موقعو ڏيڻ جو مطالبو

لنڊن: برطانوي آرمي چيف چيو آهي ته هن ڀيري طالبان جو رويو ڪجهه مختلف ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري کين موقعو ڏيڻ گهرجي.
پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي فوج جي سربراهه جنرل نڪ ڪارٽر هڪ انٽرويو ۾ چيو ته عالمي برادري کي افغانستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ طالبان کي هڪ موقعو ڏيڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ته طالبان هن ڀيري هڪ مناسب انداز ۾ سامهون اچن.
هن چيو ته مان طالبان وفد سان ملاقات ڪندڙ اڳوڻي افغان صدر حامد ڪرزئي سان به رابطي ۾ آهيان، اسان کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان کي طالبان کي پنهنجي حڪومتي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي 90 جي ڏهاڪي جا طالبان ياد آهن پر ممڪن آهي ته هي انهن کان مختلف هجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔