اڻ ڌري، آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ غير جانبدار، آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿ پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ افغانستان ۾ پرڏيهي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان قدمن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڌ سماءَ بابت وزير فواد چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران فواد چوڌري وزيراعظم کي پرڏيهي صحافين جي اچڻ ۽ انهن کي ويزا سميت ٻين سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو ته افغانستان جي صورتحال کي ڏسندي صحافين جي سهولت لاءِ اطلاعات واري وزارت ۾ خاص سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن وصول درخواستن تي عمل بنا دير يقيني بڻائي سگهجي.ان موقعي تي وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر اطلاعات واري وزارت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ ۾ غير جانبدار، آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿي پهرين ترجيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔