سپريم ڪورٽ صحافين کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف داخل درخواست جو نوٽيس وٺندي ڊي جي ايف آءِ اي، آءِ جي اسلام آباد ۽ گهرو سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ صحافين تي مبينا حملن ۽ ڪيسن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اها درخواست پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ، صحافي عمران شفقت، عبدالقيوم صديقي، عامر مير ۽ امجد ڀٽي طرفان داخل ڪئي وئي. عدالت درخواست تي نوٽيس وٺندي ڊي جي ايف آءِ اي، آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري کي رپورٽن سان گڏ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته سيڪريٽري انفارميشن، سيڪريٽري اطلاعات، انساني حقن بابت وزارت جي سيڪريٽري کي به رپورٽن سان گڏ ذاتي حيثيت ۾ گهرائي ورتو. سپريم ڪورٽ صحافتي تنظيمن سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي بي اي، پي ايف يو جي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته صحافين تي ٿيندڙ حملن ۽ ڪيسن تي اڳڀرائي رپورٽون به طلب ڪري ورتيون. عدالت سيف سٽي پراجيڪٽ جي فوٽيج ۽ خرچ جا تفصيل به طلب ڪري ورتا، جڏهن ته اطلاعات واري وزارت کان هڪ سال جي اشتهارن ۽ ان مان فائدو کڻندڙن جا تفصيل به گهريا آهن. عدالت حڪم ڏنو ته سمورا تحريري جواب 26 آگسٽ تائين جمع ڪرايا وڃن، ڪيس کي ان ئي بئنچ سامهون 26 آگسٽ تي فڪس ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته آرٽينل 184 (3) تحت عدالت عوامي مفادن ۾ نوٽيس ورتو، صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ انهن کان اظهار جي آزادي جو بنيادي حق کسڻ عوامي مفاد جو مسئلو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔