وزيراعظم پاران اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين جي آگاهي مهم جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اليڪشن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ، شبلي فراز ، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نادرا ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال بابت جوڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل قانوني ترميمن کان آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ هڪ آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن عوام ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ غيرضروري تنقيد جو حقيقتن سان جائزو ورتو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔