ارسا ۽ وفاق سنڌ سان دشمني تي لهي آيا، صوبي ۾ پاڻي بحران جو وڏو خدشو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا ۽ وفاقي سرڪار سنڌ سان دشمني تي لهي آيا آهن، .. پاڻي جي سنگين کوٽ سبب سنڌ جي شهرن ۾ به بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته ارسا ۽ وفاق پاڻي جي بندش سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪري، ارسا سنڌ جي عوام کي اُڃ مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو آهي ته آبادگارن سوڌو سنڌ جو عوام بحران ۾ ڌِڪجي رهيو آهي، ارسا هڪ طرفو فيصلا ڪندي رهي ته شهرن ۾ به پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويندو ۽ ڪراچي به پاڻي بحران جي وڪڙ ۾ اچي ويندو. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ جي احتجاجن باوجود تڪراري ٽي پي ۽ سي جي ڪئنال مان پاڻي وهايو پيو وڃي، ارسا پاڻي جي بندش سبب سنڌ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري ۽ 30 آگسٽ تائين کوٽ کي بئلينس ڪري پاڻي ڏنو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪري، هن وقت 10 سيڪڙو شارٽيج ملي آهي، ارسا کي اسان کي ڪمپلسيٽ ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔