افغانستان ۾ اليڪشن جو وقت ناهي، پهرين جامع حڪومت جي ضرورت آهي: طالبان ترجمان

ڪابل: افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته افغانستان ۾ اڃان اقتدار جو خلا موجود آهي ، ان ڪري ملڪ کي پهريان هڪ جامع حڪومت جي ضرورت آهي. چيني ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ شاهين چيو ته چين افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت کي فروغ ڏيڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. طالبان ترجمان افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ چين جي تعاون جي به آجيان ڪئي. سهيل شاهين چيو ته افغانستان ۾ افغانن تي مشتمل نئين جامع حڪومت لاءِ ڳالهيون جاري آهن، نئين جامع حڪومت جي فريم ورڪ ۾ سمورا افغان غور هيٺ آهن ۽ چونڊيل افغان شخصيتن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔