حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ايندڙ عام چونڊن دوران ٽيڪنالاجي جي استعمال تي اتفاق

اسلام آباد:سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سان 2023 جي چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي اتفاق ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مان مطمئن هو، هن پنهنجي ٽيڪنيڪل ٽيم نامزد ڪري ڇڏي آهي ۽ تجويزون به ڏنيون آهن. هن چيو ته پراڻي چونڊن جي طريقي ڪار مسئلن کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو، چيف اليڪشن ڪمشنر ووٽنگ مشين تي مبارڪون ڏنيون ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته 2023 جون چونڊون ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔