سنڌ ۾ ماستريءَ ۾ ڀرتين لاءِ 6 سيپٽمبر تي ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ ماستري جي نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ اُميدوارن لاءِ خوشخبري، ايس ٽي ايس طرفان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ڀرتين لاءِ 6 سيپٽمبر تي ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو، اُميدوارن کان آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ورتي ويندي، آءِ بي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ايس ٽي لاءِ 6 کان 11 سيپٽمبر تائين ٽيسٽ ورتي ويندي، پي ايس ٽي جي اُميدوارن کان 13 کان 19 سيپٽمبر تائين ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔