اسماعيل ڏاهريءَ پاران پنهنجي ئي پارٽي جي چونڊيل نمائندن تي سخت تنقيد

دولتپور: اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار اسماعيل ڏاهري تڪ ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ تي پنهنجي ئي پارٽي جي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. ھن چيو ته ماڻهن پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا پر ھن تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين عوام سان دوکا ڪيا آهن، هن جديد دور ۾ به بچل پور شهر بجليءَ جي سهولت کان محروم آهي، ھتان جو عوام پٿر جي دور واري زندگي پيو گذاري، ھتي بچل لنڪ روڊ سميت علائقي جا روڊ رستا تباھ لڳا پيا آهن، ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، بچل پور ۾ اوٺا برادري پاران سڪندر اوٺو جي ڏنل دعوت ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام کي گھرجي ته پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري ٻيھر کين ووٽ نـ ڏين جيڪي ووٽ وٺڻ کان پوء تڪ جي عوام جي سار ئي نٿا لهن اھي عوام جي ووٽن جا حقدار ئي ناھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔