سردار تيغو خان تيغاڻي معتبر ماڻهو آهي: صوبائي وزير امتياز شيخ

ڪراچي: سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ ميڊيا سان ڳاله ٻوله ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير تي سنڌ ڪابينا ۽ پارٽي قيادت جو مڪمل اعتماد آهي, کيس ڇو هٽايو ويندو؟ سنڌ سرڪار گيس ۽ ناڻي سميت وفاق پاران ٿيندڙ آئيني خلاف ورزين خلاف عدالت ۾ انهي ڪري نٿي وڃي, ته ڪٿي عدالتون جناح اسپتال جهڙو فيصلو نه ڏين. هن چيو ته ارباب رحيم کي پارٽي ۾ شامل ڪري عمران خان سنڌ ۾ اڳواٽ موجود پي ٽي آء اڳواڻن تي عدم اعتماد ڪيو آھي, ارباب رحيم سازش ئي ڪري سگهي ٿو، امتياز شيخ چيو ته سردار تيغو خان تيغاڻي معتبر ماڻهو آهي, مون سميت سڀني ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سان هن جا سٺا تعلقات رهيا آهن, هن ڏوهارين خلاف هميشه پوليس جي مدد ڪئي آھي، آغا سراج سان ڪو اختلاف ناهي آغا سراج دراني جي گهر تي جڏھن نيب ڇاپو هنيو ته آئون پهريون ماڻهو هئس جو سڀني کان اڳ اتي پهتو هئس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔