بلديات کاتي جي سب انجنيئرز جون پگهارون آبپاشي ۽ ورڪس کاتي جي برابر ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي؛ سنڌ ڪابينا بلديات کاتي جي سب انجنيئرز جون پگهارون آبپاشي ۽ ورڪس کاتي جي برابر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ملازم جي پگهار بند نه ٿيندي، ايس ايس يو جِي جو ملازم لوڪل گورنمينٽ کي رپورٽ ڪندو ته بورڊ طرفان فوري پگهار جاري ڪئي ويندي، ڪابينا ايس آر بي ايڪٽ ۾ به ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، مشينري، ساز و سامان ۽ اوزارن تي ٽئڪس 5 سيڪڙو وڌائي 13 سيڪڙو مقرر، ڪي ايم سي ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهر هلائڻ ۾ ناڪام، سنڌ ڪابينا ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهرن لاءِ الاٽ ٿيل 29 ايڪڙ زمين واپس وٺي ڇڏي، ڪوس گهرن جي زمين تي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ بائيو گئس پلانٽ لڳايو ويندو، ڪي ايم سي کي ڪنهن ٻي زمين تي ڪوس گهر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔