جهانگير ترين جي درخواست تي حڪومت کي شوگر ملز خلاف ڪارروائي روڪڻ جو حڪم

لاھور: لاهور هاءِ ڪورٽ جهانگير ترين جي شوگر ملز جي درخواست تي حڪومت کي مشروط طور تي شوگر ملز خلاف ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي شوگر ملز کنڊ جي قيمت مقرر ڪرڻ جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ کنڊ جي قيمت مقرر ڪرڻ کان اڳ شوگر ملز مالڪن جو موقف ٻڌڻ جو حڪم ڏنو هو پر عدالتي حڪم جي باوجود درخواستگذارن کي نه ٻڌو ويو ۽ حڪومت کنڊ جي قيمت 89،50 روپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت جي مقرر ڪيل قيمت تي کنڊ وڪرو ڪرڻ ممڪن ناهي، ان جي ڪري کنڊ جي قيمت 89،50 روپي مقرر ڪرڻ جو حڪومتي نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي،لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس رسال حسن سيد جي ڊي ڊبليو ۽ جي ڪي شوگر ملز جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن بعد عدالت حڪومت کي مشروط طور تي شوگر ملز جي خلاف ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، عدالت شوگر ملز کي کنڊ جي قيمتن ۾ فرق جي برابر مچلڪا ڪين ڪمشنر کي جماع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، عدالت سموريون درخواستون گڏ ڪري مرڪزي ڪيس سان گڏ مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، جڏهن ته ڪين ڪمشنر کي به شوگر ملز جي کنڊ جي سپلاءِ جو رڪارڊ مڪمل رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ پنجاب حڪومت سوڌو ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔