سنڌ ۾ محرم الحرام دوران امن امان قائم رکڻ لاءِ سينٽرل ڪنٽرول روم قائم

ڪراچي: سنڌ ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سينٽرل ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي حوالي سان آئي جي سنڌ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنٽرول روم ۾ 4 ڊي ايس پيز جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، مقرر ڪيل ڊي ايس پيز ۾ چنگيز خان، سليم اختر، سيد علي حسن ۽ جاويد اختر شامل آهن، ڪنٽرول روم مجلسن ۽ جلوسن ۽ حفاظتي انتظامن بابت معلومات وٺي اعلي اختيارين سان شيئر ڪندا ۽ ڪنٽرول روم امن امان ۽ حفاظتي قدمن جي نگراني ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔