راج ٻڌايو هو ته شلپا کي ان جو ڪم تمام گهڻو پسند آهي: اداڪاره جو انڪشاف

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪاره شيرلين چوپڙا فحشن فلمن جي ڪيس ۾ گرفتار راج ڪندرا مٿان الزام هنيو آهي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي شيرلين چوپڙا چيو ته راج ڪندرا مون کي ٻڌايو هو ته سندس گهر واري شلپا شيٽي کي منهنجو ڪم تمام گهڻو پسند آهي. شيرلين ٻڌايو ته راج ڪندرا مون سان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو هو ۽ مان هلندڙ سال مارچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون هن چاهيو ٿي ته مان ان سان ملي ڪم ڪريان ۽ ايپلي ڪيشن جو نالو به شيرلين چوپڙا ايپ جي نالي سان رکڻو هو.اداڪاره چيو ته شروعات ۾ ايپ تي گليمر بابت مواد جي باري ۾ ٻڌايو ويو پر ان کان پوءِ مون کي فحش فلمن بابت ٻڌايو ويو. شيرلين چيو ته شوٽنگ جي دوران راج منهنجي همت وڌائيندو هو ته تون سٺو ڪم ڪري رهي آهين. شلپا تنهنجون وڊيوز ۽ تصويرون ڏسڻ کان پوءِ منهنجي ڪم جي تعريف ڪئي وئي. مون کي چيو ويو ته اسان جيڪو به ڪري رهيا آهيو اهو سڀ صحيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔