ويسٽ انڊيز سان ٽيسٽ سيريز ۾ پنهنجو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: شاهين آفريدي

لاهور: قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ بهتر ڪارڪردگي جي لاءِ پراميد آهي.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پهريون ڀيرو ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏي رهيو آهي. هو هينئر تائين 17 ٽيسٽ ميچ کيڏي چڪو آهي پر خميس کان ويسٽ انڊيز جي خلاف ميچ ان جو پهريون ميچ هوندو. 17 ٽيسٽ ميچن ۾ 58 وڪيٽون حاصل ڪندڙ شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته ويسٽ انڊيز جي خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ اهم آهن. ٻن ڏينهن دوران پريڪٽس ميچ ۾ تياري جو سٺو موقعو مليو آهي ان ڪري سمورا رانديگر ٽيسٽ سيريز لاءِ تيار آهن.هن چيو ته بحيثيت فاسٽ بالر پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. شاهين آفريدي چيو ته پراميد آهيان ته ٽيسٽ سيريز ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندس. ان سيريز جي لاءِ گڏيل حدف به ٺاهي رکيا آهن ان لاءِ ڪوشش هوندي ته اهي حدف حاصل ڪري سگهان. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ميچز سبب آرام جو موقعو ناهي ملندو. ڪوشش ڪندس ته پنهنجي فٽنس کي بهتر ڪري سگهان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔