آءِ فون پنهنجي نئين ٽول بابت لڳايل الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪي موبائل ڪمپني ايپل ٻارن جي جنسي استحصال جي تصويرن خلاف نئين ٽول بابت الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.آءِ فون ان الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ته ٻارن جي جنسي استحصال جي تصويرن خلاف هن جو نئون ٽول حڪومتن جي لاءِ شهرين جي جاسوسي ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ڪمپني چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومتن ان ٽول مان شهرين جي جاسوسي جو مطالبو ڪيو ته صاف انڪار ڪيو ويندو. مذڪوره ٽول جو مقصد ٻارن سان زيادتي ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ آهي.ايپل چيو آهي ته ڪمپني اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن سان ان جي والدين کي خبردار ڪري سگهجي جن جا ٻار ميسجز تي غير مهذب تصويرون ڏسن ٿا يا ڪنهن کي اماڻين ٿا. واضح رهي ته ايپل جو نئون ٽول صارفين جي آءِ فون کي اسڪين ڪري سگهندو.هي ٽول ٻارن جي جنسي استحصال جون تصويرون آءِ فون صارفين طرفان آن لائن محفوط ڪرڻ جي پاڻمرادو خبر پئجي ويندي آهي ۽ پوليس کي رپورٽ ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔