راهول گانڌي جو والاريل ڪشمير جو دورو، مودي سرڪار تي تنقيد

سرينگر : ڀارتي ڪانگريس پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ راهول گانڌي ڀارت جي انتظام هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري تي آهي.
سومر جي شام سرينگر پهچڻ تي پارٽي جي رياستي اڳواڻن سندس مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي هن ڪشمير جي حوالي سان مرڪزي حڪومت جي پاليسين کي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو.
سرينگر ۾ پارٽي آفيس اندر ڪارڪنن سان خطاب ڪندي راهول گانڌي چيو ته ملڪ جا سمورا ادارا ۽ عدالتون به مرڪزي حڪومت جي حملن جي وڪڙ ۾ آهن.
گڏوگڏ هن ڀارت جي انتظام هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو رياستي درجو بحال ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ شفاف چونڊن جي مطالبي کي ورجايو پر قلم 370 جي بحالي بابت ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪيائين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔